الهبچايو ڪرهيي پوٽو

الهبچايو ڪرهيي پوٽو: سندس والد جو نالو محمد سومار هو. ڳوٺ ڪرهيي ڀانڊاريءَ ضلعي بدين ۾ 1878ع ۾ ڄائو. 1945ع ۾ لڏي مانڌاري ۾ آيو. جتان پوءِ بدين شهر ۽ پوءِ ڳوٺ پير عالي شاهه ۾ اچي رهيو. سندس والد محمد سومار شيخ مشهور شاعر ۽ اديب هو. الهه بچايي ڪرهيي پوٽي جو بيتن ڏانهن خاص لاڙو هو، هن صنف تي سندس ٻه ڪتاب: ”روحاني ادبيات“ ۽ ”قصو ڪرهيي پير جو“ ڇپجي چڪا آهن. سندس باقي ڪلام ”ڪليات شيخ الهبچايو“ جي نالي سان ڇپيو آهي. الهه بچايي شيخ 1962ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1878.00.00  عيسوي

الهبچايو شيخ ضلعي بدين ۾ 1878ع ۾ ڄائو


1962.00.00  عيسوي

الهه بچايو شيخ 1962ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيجومل
حاجي مير محمد بلوچ
شمس الدين شيخ ڊاڪٽر
جان جيڪب
مخدوم ساهڙ لنجار
ٻيڙو مير بحر
امداد ڪانھيو
آريسر واھي فقير
عبدالڪريم لوڌي
جان محمد جانڻ منگي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون